تاريخ سنڌ مغل دور حڪومت

تاريخ سنڌ 11 (مغل دور حڪومت) (ڪتاب ):هيءُ ڊيمي سائيز جي 71 صفحن تي مشتمل ۽ اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب، ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي تصنيف آهي، جيڪو آگهي پبليڪيشنز حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپيو، ۽ اُن جي قيمت 10 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ جي مغليه دور جو تجزيو ڪيل آهي. ڪتاب جي پنجن بابن جو وچور هن ريت آهي: (1) مغل فتوحات: هڪ تجزيو، (2) مغلن پاران سنڌ جي فتح، (3) سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جو نظام، (4) سنڌ جي سماجي حالت ۽ (5) صنعت، حرفت ۽ واپار.


هن صفحي کي شيئر ڪريو